چٽن واري ڀَر

چٽن واري ڀَر

چٽن واري ڀَر

چٽن واري ڀَر: تعلقي قنبر ۾ نئن سيتا جي ڪنڌيءَ تي 27° 35′ 26″ ڊگريون اتر ڏکڻ ويڪرائي ڦاڪ ۽ 67° 21′ 58″ ڊگريون اوڀر اولهه ڊگهائي ڦاڪ تي، هي ماڳ کيرٿر جبل ۾ موجود آهي. هي قديم اڪريل چٽ آهن. سيتا ڏاٺ واري ماڳ کان پوءِ غيبي خان چانڊيي جو پاراڻو آهي، جتي غيبي خان چانڊيو شڪار ڪندو هو. ان کان ٿوري فاصلي تي نئن جي مٿئين پاسي هڪ اڀريل ٽڪريءَ سامهون اڀي ديوار، جيڪا 25-30 فٽ اوچي آهي، اها ٽن بلاڪن ۾ ورهايل آهي، جنهن تي مختلف قسم جا قديم چٽ چٽيل آهن. هر هڪ بلاڪ يا پينل جو مختصر ذڪر هيٺ ڏجي ٿو:
پينل پهريون: هي پينل قديم تر چئي سگهجي ٿو، جو هتان جي اُڪر کي هندستان جي هن جهڙي ئي هڪ ماڳ ڀم ڀيٺڪا سان ڀيٽي سگهجي ٿو. هن هنڌ تي اهو پهريون مثال آهي جو شڪار جو منظرنامو بنا بندوق يا تلوار جي ڏيکاريو ويو آهي. ان لاءِ چئي سگهجي ٿو ته اهو چٽ انهن قديم ماڻهن جو چٽيل هوندو، جن جي دور ۾ نه بندوق هئي نه تلوار، هن هنڌ تي اهي اُڪرون پٿري دور يعني ڏهه هزار سال اڳ جون ڪٿي سگهجن ٿيون. هي هڪ چٽو منظر آهي، جتي شڪار کي هڪ هنڌ گڏ ڪري شڪاريءَ کي شڪار ڪندي ڏسيو ويو آهي. عام طور تي آخري پٿر جو دور (پيليوليٿڪ) چاليهه هزار سالن کان ڏهن هزارن سالن تائين جو ڪٿيو وڃي ٿو، پر سنڌ ۽ بلوچستان ۾ اهو دور ڏهن هزارن سالن کان 5500 ق.م تائين جو ڪٿيل آهي. هن هنڌ ڇهه ماڻهو هڪ جهنگلي ڌڻ کي گهيري هيٺ اونهيءَ کاهيءَ ڏانهن ڌڪيندي ڏيکاريو ويو آهي ۽ فقط هڪ شڪاريءَ رڳو تير ڪمان سان شڪار ڪندي ڏيکاريو ويو آهي.
پينل ٻيو: پينل نمبر ٻئي تي هڪ ديو قامت ماڻهوءَ جو چٽ چٽيل آهي، جنهن کي گوڏن تائين ڪشادو لباس پهريل آهي، جڏهن ته مٿي تي غير واضح ڇٽ رکيل اٿس. شايد هي انهيءَ دور جو ڪو ديوتا، جادوگر يا سردار ٿي سگهي ٿو، جنهن جو جسم مناسب نموني ڍڪيل آهي. ان سردار جي ڀرسان هڪ ٻي انسان نما اڌوري صورت چٽيل آهي، جنهن کي به ڪو لباس پهريل آهي. ٻيون انساني ڪاٺي نما اڪرون به آهن، جن کي ڪو لباس پهريل ڪو نه آهي. لباس بابت گمان آهي ته اهو لباس شڪار ڪيل جانورن جي کلن مان ٺهيل هوندو جو انهيءَ دور ۾ سٽ يا ان جي ڪپڙي جو تصور نه هو.
پينل ٽيون: هي پينل به ساڳي ٽڪريءَ جي مٿاڇري تي آهي. هن تي سرهن جو ڌڻ اُڪريل آهي، انهيءَ ڌڻ ۾ وڏي ڪونهٽ وارو هڪ ڍڳو به چٽيل آهي، جنهن جا هلالي سڱ مٿي اڀي هئڻ بدران اڳتي نڪتل آهن. سمورن سرهن جا سڱ نمائشي حد تائين مٿي ۽ پوئتي وريل آهن. چٽ اڪيريندڙ سرهه جي منڍيءَ کي نظر انداز ڪري ڇڏيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو